خساري ۾ ويندڙ پي آئي اي پائيليٽ جي فلائينگ الائونس ۾ اضافو

خساري ۾ ويندڙ پي آئي اي پائيليٽ جي فلائينگ الائونس ۾ اضافو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خساري ۾ ويندڙ پي آئي اي جي انتظاميه پائليٽس جي فلائنگ الائونس ۾ اضافو ڪري ڇڏيو تفصيل مطابق جيترو دير تائين جهاز اڏندا اوترو وڌيڪ الائونس ملندو انتظاميه پي آئي اي جي پائليٽ جي فلائنگ الائونس ۾ 35 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي پي آئي اي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق فلائنگ الائونس حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50 ڪلاڪ جهاز اڏائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ 10 سالن جي سروس تي پائليٽس جي فلائنگ الائونس ۾ 35 سيڪڙو واڌ ٿيندي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته 20 سال سروس وارا پي آئي اي جي پائليٽس جي فلائنگ الائونس ۾ 30 سيڪڙواضافو ڪيو ويو 30 سالن تائين پي آئي اي ۾ سروس ڪندڙ پائليٽس جي فلائنگ الائونس ۾ 25 سيڪڙو جڏهن ته 30 سالن کان وڌيڪ سروس ڏيندڙ پائليٽس جي فلائنگ الائونس ۾ 20 سيڪڙو تائين واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي پي آئي اي بورڊ آف ڊائريڪترز انتظاميه جي سفارش تي فلائنگ الائونس ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن موجب پائليٽ جي فلائينگ الائونس ۾ واڌ پهرين جون کان لاڳو ٿيندي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته ڊيوٽي کان منع ڪرڻ بي سبب موڪل تي فلائنگ الائونس نه ملندو 6 ڪلاڪ فلائنگ تي پي آئي اي جي پائليٽس کي 150 سيڪڙو هڪ ڪلاڪ جي حساب سان الائونس ملندو 70 ڪلاڪ اڏام ڪندڙ پائليٽس کي في ڪلاڪ 200 سيڪڙو جي حساب سان الائونس ملندو 71 ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ جهاز اڏائڻ تي 250 سيڪڙو في ڪلاڪ فلائنگ الائونس ڏنو ويندو ان کانس واءِ پائليٽس لاءِ ڊوميسٽڪ اڏامن تي فلائينگ الائونس 500 رپيا في ڪلاڪ اضافي سان 750 رپيا ڪيو ويو عالمي فلائٽس تي پائليٽس کي في ڪلاڪ الائونس 5 ڊالر اضافو ڪري 10 دالر في ڪلاڪ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي پي آئي اي واضح ڪيو ته فلائنگ الائونس رٽائرڊ يا برطرف ڪيل پائليٽس کي نه ملندو فلائينگ الائونس ۾ اضافي کان پوءِ پائليٽس جي ڪل پگهارن ۾ وڏو اضافو ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو