خرم لغاري سميت پنجن ميمبرن تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو فيصلو

خرم لغاري سميت پنجن ميمبرن تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ ميمبر پنجاب اسيمبلي خرم لغاري تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم لغاري دعويٰ ڪئي آهي ته پنجاب اسيمبلي جي وڌيڪ 5 ميمبرن به ساڻس گڏ تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم لغاري چيو ته اسان کي ڪجهه ٻيو ڏيکاريو ويو هو، ڪجهه ٻيو ٿيو هو، ممڪن آهي ته اسيمبلي مان استعيفيٰ به ڏئي سگهون.خرم لغاري جو چوڻ آهي ته ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن ۾ اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏئي سگهون ٿا، ٻڌايو وڃي ته وزير بڻائڻ جو ڪهڙو معيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو