خراب ٽيوب ويل مان تيل جي بوءِ واري پاڻي سبب عوام خوفزده

ڄام نواز علي( رپورٽر) ڳوٺ رئيس جبار خان مري ڀرسان قائم اسڪارپ جي ٽيوب ويل مان قدرتي طور تيز وهڪري سان پاڻي وهڻ جو سلسلو هلندڙ آهي، زهريلو پاڻي سم نالي ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي، وهندڙ پاڻي ۾ گئس ۽ تيل جي خدشي سبب علائقي ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو آهي. ڪنهن به وقت وڏي نقصان جو انديشوآهي.ڪمشنر شهيد بينظير آباد جي هدايت تي مختيارڪار ڄام نوازعلي غلام ياسين پنهور۽ ٻوٻي فيلڊ جي پروٽيڪشن آفيسرڪليم جان سان گڏجي واقعي واري هند پهچي اسڪارپ جي  ٽيوب ويل مان نڪرندڙ پاڻي، گيس ۽ پيٽرول  جو معائنو ڪيو.

ان موقعي تي او جي ڊي سي ايل جي پروٽيڪشن آفيسر ڪيلم جان  ٻڌايو ته هي ضلعي انتظاميا جو مسئلو آهي ليڪن هن مان پيٽرول ۽ گيس جي بوء اچي رهي آهي. ٽيوب ويل مان نڪرندڙ زهريلو گيس وارو پاڻي فصل زمين ۽ جانورن لاء سخت نقصانده ٿي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو اسان وٽ ڪو به ٽيڪنيڪل انجنير ناهي جنهن سبب اسان وقت سر بند نٿا ڪري سگهون. هن ڳوٺاڻن کي هدايت ڪئي ته  نڪرندڙ گيس ۽ پيٽرول سان ڪنهن به وقت باھ لڳي سگهي ٿي، تنهن ڪري احتياط ڪيو وڃي ۽ سگريٽ نوشي وغيره کان پرهيز ڪئي وڃي. ان موقعي ته  رئيس جبار خان مري چيو ته نڪرندڙ زهريلي پاڻي کي بند ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاء نه ورتا ويا ته علائقي ۾ تمام گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود ضلعي انتظاميه جوڳا قدم نه کنيا آهن نه وري ٽيڪنيڪل ماهر اڃا پهتا آهن. گئس ۽ تيل نڪرڻ سبب علائقي واسي خوف ۾ ورتل آهن. هن چيو ته اسڪارپ کاتي جو عملو به غائب آهي. هن چيو ته هي ٽيوب ويل ناڪاره ٿيل آهي، هي ٽيوب ويل ٻوٻي آئل فيلڊ جي کوهه نمبر چار ڀرسان آهي جنهن ۾ لڪيج يا خرابي به ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو