لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ پرتشدد مظاهرن تي وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته هي سموري خرابي اوهان جي ئي پيدا ڪيل آهي. هاڻ هن کي صحيح ڪريو يا گهر وڃو. رپورٽ موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ ۽ حڪومت وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي کي پارليامينٽ ۾ نه آندو ويو. حڪومت روڊڻ تي ايڪشن ورتو ان کان پوءِ ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام م چيو ته پرتشد مظاهرن ۾ 500 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، انٽرينٽ بند ڪيو ويو.هن جو چوڻ هو ته وزيراعظم پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو. هاڻ تحريڪ انصاف پارليامينٽ جي پٺيان لڪڻ چاهي ٿي. پ پ چيئرمين وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته وزيراعظم صاحب هي سموري خرابي اوهان جي ئي پيدا ڪيل آهي. هاڻ هن کي صحيح ڪريو يا گهر وڃو.










