ملير( رپورٽ درياخان شر) خديجا کوکر کي زيادتي بعد قتل ۾ ملوث چئن جوابدارن کي جج مظفر علي سولنگي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ڊي اين اي رپورٽ به جمع ڪرائي وئي. جنھن ۾ نئون انڪشاف ظاھر ٿيو آهي ته جوابدارن فرحان، شان ، جنيد ، اياز علي جوکيو ۽ ھڪ ٻيو روپوش جوابدار ملوث آھن. معصوم نينگري خديجا کوکر کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جي ڊي اين اي رپورٽ موجب فرحان قتل ڪندڙ ۾ شامل آھي، شان ۽ جنيد سھولتڪار آهن، جڏھن ته زيادتي ڪندڙن ۾ اياز علي جوکيو ۽ ھڪ روپوش ملزم شامل آهن. جنهن جو نالو في الحال ظاھر نه ٿو ڪري سگھجي. ھن ڪيس جي وڪيل محمد خان شيخ چيو ته اڃا هڪڙو ٻيو به ملزم آھي جيڪو هن معصوم سان زنا ۽ قتل ۾ ملوث آھي. عدالت طرفان پوليس کي حڪم جاري ڪيو ويو آھي ته فرار جوابدار کي 11 مئي تائين هر صورت گرفتار ڪري پوء فائنل چالان پيش ڪيو وڃي. مان اڄ وري به سنڌ جي پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ جي باصلاحيت ۽ ايماندار آفيسرن عبدالقدير ميمڻ کي جس ڏيندس جيڪو اهڙي قسم جي ڪيسن کي پوليس جي ڏنل رپورٽن تي پنهنجي ماهرانه ڇنڊ ڇاڻ ذريعي ڪيسن ۾ ڪيل ڪوتاهين تي نظررکي ٿو. واضح رهي ته ٻه مھينا اڳ گگھر ڦاٽڪ لڳ ریلوي ڪالوني ۾ 10 ورهين جي خديجه کوکر کي زيادتي بعد قتل ڪري لاش پاڻي جي ٽئنڪي ۾ اڇلايو ويو هو.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
مھرباني ڪري خديجه بتول کي انصاف ڪيو وڃي