ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر صلاح ڏني آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عمران خان ۽ جنرل عاصم منير هڪ ڪمري ۾ ويهي هڪ ٻئي جا خدشا ٻڌن.هڪ انٽرويو ۾ اسد عمر چيو ته ٿي سگهي ٿو جنرل عاصم منير تائين پهچندڙ خبرون سچ نه هجن ۽ عمران خان کي جيڪي ڳالهيون ٻڌايون پيون وڃن اهي حقيقت تي ٻڌل نه هجن.اسد عمر وڌيڪ چيو ته سندس اها تجويز پارٽي موقف نه پر سندس پنهنجو خيال آهي پر ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه هوندو.










