اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آئي جي باني (عمران خان) ۽ بشريٰ بيبي جي مبينا قيدِ تنهائي خلاف دائر درخواستن تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪندي کين باقاعدي نمبر لڳائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته درخواستن جي ٻڌڻ جوڳو (قابلِ سماعت) هجڻ جو فيصلو جوڊيشنل سائيڊ تي ڪرڻ جو قرار ڏنو آهي. جسٽس خادم حسين سومرو عليمه خانم ۽ مبشره خاور مانيڪا جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران بئريسٽر سلمان صفدر، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته عليمه خانم، شاندانه گلزار ۽ ٻيا اڳواڻ به ڪمري عدالت ۾ موجود هئا. بئريسٽر سلمان صفدر مؤقف اختيار ڪيو ته رجسٽرار آفيس متاثر ڌر نه هجڻ جو اعتراض لڳايو هو، حالانڪه عليمه خانم باني پي ٽي آئي جي ڀيڻ ۽ مبشره خاور مانيڪا بشريٰ بيبي جي ڌيءُ آهي، ان ڪري کين درخواست دائر ڪرڻ جو حق حاصل آهي. هن سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻن فيصلن جو حوالو ڏيندي چيو ته قيدين جا گهرڀاتي ان نوعيت جون درخواستون دائر ڪري سگهن ٿا. هن عدالت کي ٻڌايو ته بشريٰ بيبي سان ڊسمبر کانپوءِ ملاقات ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته باني پي ٽي آئي سان صرف ٻه ڀيرا چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي ملاقات ٿي. باني پي ٽي آئي کي نه ٽي وي ۽ نه ئي اخبار فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ٻئي مڙس ۽ زال گذريل ستن مهينن کان قيدِ تنهائي ۾ آهن، جيڪو غير انساني سلوڪ جي برابر آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس خادم حسين سومرو نيب پراسيڪيوٽر رافع مقصود کي روسٽرم تي طلب ڪيو. نيب پراسيڪيوٽر مؤقف اختيار ڪيو ته اپيلن جي ٻڌڻي دوران قيدِ تنهائي بابت متفرق درخواست اڳ ۾ ئي رد ٿي چڪي آهي، تنهنڪري هي معاملو آئيني درخواست ذريعي نٿو اٿاري سگهجي پر ان لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهجي ٿو. ان تي بئريسٽر سلمان صفدر چيو ته قيدِ تنهائي بابت سندن درخواست رد ناهي ٿي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو هوندو ته هو ان جو تصديق ٿيل نقل عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيندا، چيف جسٽس جي بينچ ان معاملي تي ڪو به حڪم جاري نه ڪيو هو. دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪندي درخواستن کي نمبر لڳائڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي. عدالت قرار ڏنو ته درخواستن جي ٻڌڻ جوڳو هجڻ جو معاملو جوڊيشنل سائيڊ تي ڏٺو ويندو. بعد ۾ بئريسٽر سلمان صفدر جي گذارش تي عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










