خانپورمهر (ن سنڌيار) گهوٽڪي ضلعي جي خانڳڙھ ۽ ميرپور ماٿيلو برسات متاثرن جي واهر نه ٿي سگهي. سوين ڳوٺن پاڻي نيڪال نه ٿي سگهي. هزارين مستحق روڊن تي. مالڪي نه ٿي سگهي. متاثر بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل ۽واهر نه ٿيڻ خلاف برسات متاثرن جو احتجاجي مظاهرا ۽ڌرڻا. خبرموجب گهوٽڪي ضلعي جي خانڳڙھ ۽ ميرپورماٿيلو جي مختلف يوسيز سونو پتافي. واهي گهوٽو. ديھ دلمراد. يارولند. ڀيٽيور. لوهي. قاضي بادل. مٺڙي علي مهر. جروار. سميت مختلف ڳوٺن ميان آفتاب احمد. نظر علي گڏاڻي. مياڻي مهر. ڳاڙهو دڙو. مزاري گڏاڻي. ۽ يارولنڊ – جروار روڊ تي پاڻي جو شديد دٻاء روڊ اوورٽاپ ٿي وهڻ لڳو برسات متاثرن ٻوڏ ۾ هن وقت ديهن شير خان بوزدار ، کوهه مينهون ،جنگهان ، ڊرٻ ڏيٿري، کوه مينهون، ابراهيم پتافي ، ڪلوڙ جا پنجاه ڳوٺ حسن علي لنڊ ،اميد علي فقير لنڊ ، واحد بخش فقير لنڊ خيرمحمد لنڊ ، نصير احمد لنڊ ، سومر لنڊ، گل حسن لنڊ ،عاشق حسين لنڊ نئين واھي، قائم الدين لغاري، اميد علي شاھاڻي ،يعقوب لنڊ ، لعل بخش لنڊ ، عارف لنڊ، نورحسن لنڊ ، ڊرٻ ڏيٿري، مولا بخش شاهاڻي ، نظير آباد، ڳوڌوگبول، ايوب گبول ، پٺاڻ لنڊ ،رفيق لنڊ ،غلام نبي لنڊ ، بخش علي شاھاڻي ، علي لغاري ، مزار لنڊ جا هزارين ماڻهون ڦاٿل آهن پر ڪٿي به ڄاڻايل علائقي م ريسڪيو عمل نه ٿيڻ سگهي آهي جنهن هزارين برسات متاثرن کليل آسمان هيٺ روڊن تي ويٺل آهن محدود علائقي م مختصر ماڻهن تي قائم سرڪار ڪيمپون تي پڪل ماني فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي جڏهن هزارين ماڻهو اتان روڊن تي بک پاهه ٿيل آهن جڏهن ته متاثرن علائقي ۾ برسات متاثرن مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن بخار ۽ گيسٽرو ۽ٻيو وبائي صورت اختيار ڪري ورتو آهي جنهن ڪري وڏي الميو جنم ورتو آهي هوڏانهن برسات متاثرن جي واهر نه ٿي خلاف ڳوٺ ميان آفتاب احمد ۽ رمضان لاشاري جي رهواسين ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا. احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي ڪندڙن محرم علي لاشاري عبدالقادر لاشاري اربيلو لاشاري اياز احمد لاشاري. ايوب لاشاري. عزيز لاشاري. سلطان لاشاري. ٻين ڪئي احتجاج ڪندڙن چيو ته هن مهل تائين روڊن تي ويٺل آهيون ڪنهن به سار نه لڌي متاثرین چيو هن وقت تائين راشن ۽کيما توڙي امداد جو سامان نه ڏنو آهي جنهن ڪري بک ڪاٽڻ تي مجبور آهيون هنن چيو گهوٽڪي ضلعي ۽تعلقي خانڳڙھ ۽ميرپور ماٿيلو جي انتظاميه من پسند ماڻهن کي رليف فراهم ڪيو پيو وڃي ھنن مطالبو ڪيو ته ٻي گهر متاثرن جي واهر ڪئي وڃي










