ڪراچي (نمائندن وٽان)خانپور جي هڪ ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ سبب 2 ڀينرون سڙي فوت ٿيون آهن جڏهن ته ڪراچي جي ڪشمير ڪالوني ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه لڳي وئي، 3 ٻار سڙي فوت ٿي ويا،3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ 6 ورهين جو حمزه، 5 ورهين جي ثانيا ۽ ٽن سالن جو عمير شامل آهي، زخمين ۾ فياض سندس زال سعيده ۽ 7 سالن جي سلميٰ شامل آهن، واقعي واري هنڌ پوليس، ريسڪيو رضاڪار ۽ علائقي واسي وڏي انگ ۾ پهچي ويا. ***شڪارپور جي علائقي خانپور ويجهو ڳوٺ سعدو شر ۾ هڪ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 2 معصوم ڀينرون اجل جو شڪار، سندن هڪ ڀاءُ رفيق پٽ فرمان شر سڙي زخمي، فوتي نينگرين زاهدا ۽ عابدا جا لاش ۽ زخمي ٻار کي شڪارپور ريفر ڪيو ويو، گهرڀاتين موجب باهه ميڻ بتي مان لڳي، گهر ۾ پيل سمورو سامان به سڙي ويو، فائر برگيڊ عملي باهه تي ضابطو آڻي ورتو.










