خانپورمهر ۾ پوليس جون چڙهائيون، 5 گهرن کي باهيون، 7 گرفتار

خانپورمهر ۾ پوليس جون چڙهائيون، 5 گهرن کي باهيون، 7 گرفتار

خانپورمهر (ن س ): خانپورمهر ٿاڻي جي حد ۾ ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو جي اڳواڻي ۾ پوليس مختلف ڳوٺن ۾ چڙهائيون ڪري 7 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڪارروائين دوران 5 گهرن کي باهيون ڏيڻ جا اطلاع پڻ سامهون آيا آهن.پوليس موجب روپوش ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ نبي پتافي، سونو پتافي، لال پتافي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون.پوليس ڪارروائين دوران سلطان پتافي، محمد پتافي، حسن پتافي سميت 5 ڄڻن جي گهرن کي مبينا طور باهيون ڏئي ساڙيو ويو.ڪارروائين دوران مبينا طور ڪجهه گهرن مان اناج، ضروري سامان، موٽر سائيڪلون ۽ چوپايو مال پڻ ڪاهي وڃڻ جا اطلاع آهن.پوليس شڪ جي بنياد تي سجاد پتافي، بهارو پتافي سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.پوليس موجب گرفتار ڪيل ماڻهن جو ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هجڻ بابت جاچ جاري آهي.ايس ايڇ او خانپورمهر برڪت ڀٽي جو چوڻ آهي ته روپوش جوابدار شبلو پتافي سميت ٻين ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ چڙهايون ڪيون ويون.ايس ايڇ او موجب ڪارروائين دوران جوابدارن جي گهرن کي باهيون ڏيڻ ۽ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جون ڪارروايون پڻ ڪيون ويون. هوڏانهن گهرن کي باهيون ڏيڻ ۽ سامان توڙي چوپائي مال کڻي وڃڻ بابت پوليس خلاف لڳايل الزامن تي متاثر ڌرين جو موقف سامهون اچڻ بعد معاملي جي وڌيڪ صورتحال واضح ٿي سگهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو