اسلام آباد(بيورو)عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.پيٽروليم انڊسٽري ذريعن موجب پهرين آڪٽوبر کان ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 29 سيپٽمبر تائين درآمدي فيول جي قيمتن ۾ گهٽتائي پهرين آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندي.پيٽروليم انڊسٽري جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ واڌ نه ڪئي وئي ته گهٽتائي يقيني آهي.










