اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف ايل اين جي ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو. اڄ ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج محمد بشير پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته فيصلو مڪمل نه ٿو لکي سگهجي، ان لاءِ وڌيڪ وقت گهرجي.عدالت چيو ته ايل اين جي ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو 18 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو، ڪيس جي ٻڌڻي 18 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.










