حڪومت 7 اپريل جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرائي  ڇڏي

حڪومت 7 اپريل جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد: (م ڊ) تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ رد ٿيڻ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بنيچ جي 7 اپريل واري فيصلي تي نظرثاني لاءِ حڪومت عدالت سڳوري سان رابطو ڪري ورتو آهي.حڪومت طرفان عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست عدالت سڳوري ۾ داخل ڪئي وئي آهي.درخواست ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ محمد اظهر صديق ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آرٽيڪل 69 آئين جو حصو آهي، سپريم ڪورٽ اسيمبلي جو اختيار نٿي استعمال ڪري سگهي. سپريم ڪورٽ جو 7 اپريل وارو فيصلو معطل ڪيو وڃي ۽ قومي اسيمبلي کي رولز موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو