لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم مطالبو ڪيو آهي ته 31 جنوري تائين حڪومت استعيفيٰ ڏئي، ٻئي صورت ۾ لانگ مارچ ڪنداسين. پهرين فيبروري تي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس پهرين فيبروري تي ٿيندو جنهن ۾ لانگ مارچ جي تاريخ ڏني ويندي. اهڙو اعلان جاتي امرا ۾ اجلاس ۾ صلاح مشورن بعد گڏيل بريفنگ ۾ مولانا فضل الرحمان ڪيو. بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز به ساڻس گڏ هئا. هن چيو ته 31 ڊسمبر تائين پي ڊي ايم جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پنهنجي جماعت جي قيات وٽ استعيفيٰ جمع ڪرائي وڃي. مولانا چيو ته حڪومت ۽ فوج وارا ميڊيا تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن، اسين ان جي مذمت ٿا ڪريون ۽ کين خبردار ٿا ڪريون ته هو باز اچن. هن چيو ته ڪارڪن لانگ مارچ جي تياري ڪن، پي ڊي ايم جا ذميوار پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ لانگ مارچ جي تياري جي نگراني ڪن. ان موقعي تي مريم چيو ته ڪورونا به هئي، حڪومت جون ڌمڪيون به هيون، ٿڌ به هئي ان جي باوجود لاهور جي شهرين پاڻ ملهايو، مان لاهور وارن جي شڪر گذار آهيان. هن چيو ته ڪجهه ميڊيا چينلز جلسي خلاف حڪومتي پروپيگنڊه ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته ڊائلاگ جو وقت ختم ٿي چڪو هاڻي عمران کان استعيفيٰ وٺڻ جو وقت آهي. هن چيو ته شهباز شريف سان ملاقات لاءِ درخواست ڏني آهي اجازت ملي ته ملندس ۽ عذر خواهي ڪندس. ياد رهي ته ان کان اڳ جاتي امراء ۾ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيو. مولانا چيو ته سڀني جماعتن هڪ ميثاق جمهوريت تي اڄ اتفاق ڪندي ان تي صحيون ڪيون آهن.










