حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهين جي ميز تي ويهڻ لاءِ راضي

حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهين جي ميز تي ويهڻ لاءِ راضي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي سياستدانن کي گڏ ويهارڻ جي ڪوششن ۾ هاڪاري اڳڀرائي سامهون آئي آهي.ذريعن موجب حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهين جي ميز تي ويهڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.واضح رهي ته سراج الحق اڄ 3 رڪني وفد سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان کانپوءِ سراج الحق وفد سان گڏ زمان پارڪ پهتو، جتي هن عمران خان سان ملاقات ڪئي.ياد رهي ته سراج الحق ڪجهه ڏينهن اڳ به عمران خان سان مليو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو