حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ الڳ الڳ نه آهن، پرويز خٽڪ

حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ الڳ الڳ نه آهن، پرويز خٽڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت الڳ الڳ نه آهن، هنن کي گڏجي هلڻو پوندو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته هي سڀ ماڻهو عمران خان خلاف گڏ ٿيا آهن، خبر ناهي توهان کي ڇو نظر اچي رهيو آهي ته حڪومت وڃي رهي آهي، مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت ڪاڏي به نه وڃي رهي آهي، اسان جا اتحادي اسان سان ئي رهندا. ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته توهان جا ماتحت ادارا واقعي غير جانبدار ٿي ويا آهن؟ ان تي بچاءَ واري وزير چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت الڳ الڳ نه آهن، ٻنهي کي گڏجي هلڻو پوندو آهي، ڏهه 20 ڏينهن ۾ آرمي چيف سان ملاقات ٿي ويندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان تمام گهڻو پر اعتماد آهي، سياسي پارٽين جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، جنهن کي وڃڻو آهي استيعفيٰ ڏئي هليو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو