لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي توانائي واري وزير اويس لغاري چيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ دستيابي کي بهتر بڻائڻ لاءِ نيشنل ٽاسڪ فورس پاور سيڪٽر ۾ ڇڏيل اصلاح جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڊسٽري بيوشن ڪمپينن جي نڪاري جي منصوبي تي هي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. نجي ٽي وي موجب توانائي واري وزير چيو آهي ته پاور سيڪٽر جو گردشي قرض سبب اها اصلاح اڻٽر آهي. اويس لغاري چيو آهي ته اصلاح جو مقصد پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ عوام کي سستي ۽ معياري بجلي جي فراهمي آهي.










