اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ن جي سينيٽر مشاهد حسين حڪومت کي صلاح ڏني ته تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ڪري آئين موجب چونڊون ڪرايون وڃن.سينيٽ جي اجلاس ۾ مشاهد حسين سيد پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته مودي کي ڳالهين لاءِ چيو ويندو آهي ۽ طالبان سان ڳالهين لاءِ تيار آهي ته پوءِ پي ٽي آءِ سان ڇو نه؟ هن چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ کان آئين ۽ شيڊول موجب اليڪشن جي رانديگرن جا ضابطا طئي ڪري.مشاهد حسين سيد چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ کي غير ضروري ويڙهه کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جنگ ادارن سان نه ٿي کٽي سگهجي، ملڪ جي اندروني معاملن تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ۽ پي ٽي آءِ فوج سان غير ضروري ويڙهه ۾ مصروف آهيون، پاڪستان اندر قومي اتحاد جي ضرورت آهي.مشاهد حسين سيد چيو ته هو چين مان واپس آيو آهي، هو اسان جو بهترين ساٿي آهي، چين چوي ٿو ته هو اهڙين حالتن ۾ به پاڪستان سان گڏ بيٺا آهن.










