اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اسان حڪومت کي آخري موقعو ڏنو آهي، شهباز شريف ان موقعي تي عقلمندي جو مظاهرو ڪري. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اڄ ڪور ڪميٽي اهم معاملن تي غور ڪيو آهي، عمران خان جي سڏ تي لانگ مارچ جي تيارين جو به جائزو ورتو ويو.هن چيو ته لانگ مارچ بابت معاملن تي غور ڪيو ويو، عمران خان ڪالهه خيبرپختونخواهه جي پارٽي قيادت سان صلاح مشورا ڪيا آهن.فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته عمران خان ڪالهه پنجاب جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڏايو آهي، اسان جلد چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، حڪومت مطالبو مڃي.










