حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 4.80 رپيا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7.95 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي ، حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4.80 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 7.95 رپيا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جون نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون. نوان اگهه 16 جون کان 30 جون تائين لاڳو ٿيندا. قيمت ۾ واڌ کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 258.45 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 262.59 رپيا في ليٽر ۾ وڪرو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو