حڪومت پاڻ فضول خرچ ڪري، بار عوام تي وجهي ٿي، حمايت نه ڪبي

حڪومت پاڻ فضول خرچ ڪري، بار عوام تي وجهي ٿي، حمايت نه ڪبي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت اهڙن قدمن جي حمايت نه ڪندي جنهن سان عوام متاثر ٿئي.سهيل آفريدي چيو ته فيول سپلائي لائنز متاثر ٿيڻ جي امڪان تي ناڻي ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير سان اجلاس ٿيو، وفاقي حڪومت امڪاني سپلائي بحران ۽ قيمتن تي اثرن بابت ڪي پي ڪي حڪومت کي بريفنگ ڏني.هن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت اهڙن قدمن جي حمايت نه ڪندي جنهن سان عوام متاثر ٿئي حڪومتون پاڻ فضول خرچ ڪن ۽ پوءِ بحران جو بار عوام تي وجهن اهو صحيح عمل نه آهي. هن چيو ته ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل تڪرار جو بار پيٽرول جون قيمتون وڌائي عوام تي وجهڻ مسئلي جو حل نه آهي. وڏي وزير چيو ته بحران جي وقت لگزري خرچن جي بجاءِ اهي وسيلا عوام کي سبسڊي ڏيڻ تي خرچ ٿيڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو