اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت هڪ پاسي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جون دعويٰ پئي ڪري ته ٻئي پاسي ساڳئي وقت پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ ۽ ٻين مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پيٽروليم واري وزارت موجب حڪومت کي پيٽرول في لٽر 13 روپين کان مٿي واڌ جي سفارش ڪئي هئي پر حڪومت 2 روپيا 70 پيسا في لٽر قيمت وڌائي آهي. جنهن بعد پيٽرول في لٽر نئين قيمت 111 روپيا 90 پيسا ٿي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 روپيا 88 پيسا اضافي بعد نئين قيمت 116 روپيا 7 پيسا ٿي وئي آهي. جڏهن ته لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپين جي اضافي بعد نئين قيمت 79 روپيا 23 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. وزيراعظم جي آفيس مطابق گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 روپيا 54 پيسا واڌ بعد نئين قيمت 80 روپيا 19 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته نئين سال جي موقعي تي هڪ مهيني ۾ ٻيو ڀيرو قيمت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.










