پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾  20 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان

پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 20 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪيو.ناڻي واري وزير موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 رپيا 90 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 273 رپيا 40 پيسا ٿي ويندي.هن چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 19 رپيا 95 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 272 رپيا 95 پئسا ٿي وئي آهي.ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ فوري طور تي لاڳو ٿيندي.هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، تيل جي قيمتن بابت اوگرا سان مشاورت ڪئي وئي آهي، ان ڪري قيمتن ۾ واڌ قومي مفاد کي سامهون رکندي ڪئي پئي وڃي، پر وزيراعظم اهو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته عوام لاءِ جيڪو بهتر ٿي سگهي ٿو اهو ڪرڻ گهرجي.اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ آهيون ۽ سڀني کي خبر آهي ته اسٽينڊنگ معاهدو ٿيو آهي.ماضي ۾ به ساڳيو مسئلو ٿيو ته حڪومت رستي ۾ معاهدا پورا نه ڪيا، ان ڪري اسان آءِ ايم ايف سان پيٽروليم ليوي جو واعدو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو