حڪومت پاران پيٽرول جي قيمت ۾ گھٽتائي جو اعلان

حڪومت پاران پيٽرول جي قيمت ۾ گھٽتائي جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ايندڙ هڪ هفتي لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو ويو آهي.پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر گھٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 377 رپيا 78 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن موجب، ڊيزل جي قيمت برقرار رکي وئي آهي، ۽ ڊيزل جي قيمت 380 رپيا 78 پئسا في ليٽر تي برقرار رهندي.نئين قيمتن جو اطلاق رات 12 وڳي کانپوءِ ٿي ويو .

پهنجو تبصرو موڪليو