حڪومت  پاران پيٽروليم شين  جي قيمتن ۾ اضافو

حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، ڊيزل جي قيمت ۾ 31 رپيا 5 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 354 رپيا 35 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 44 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 316 رپيا 15 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن پيٽروليم ڊويزن جاري ڪيو، نئين قيمتن جو اطلاق اڄ رات 12 وڳي کان 20 جولاءِ تائين ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو