اسلام آباد(بيورو)حڪومت ڪم نه ڪندڙ بورڊز جي ٻيهر جوڙجڪ جو فيصلو ڪري ورتو، ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جا بورڊ آف ڊائريڪٽرز تبديل ڪيا ويندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ٽي ڊي سي جو بورڊ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سوئي سدرن ۽ ناردرن ڪمپني جا بورڊ به تبديل ڪيا ويندا، نوان بورڊز ۾ اهل ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته بورڊن جي نئين سر جوڙجڪ جو مقصد ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ آهي، پلاننگ ڪميشن ۽ لاڳاپيل وزارتن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه بورڊ جي موجوده ميمبرن جي ڪارڪردگي کي به چيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، بورڊ جي اجلاسن ۾ ميمبرن ڪيتري حد تائين شرڪت ڪئي ان کي به چيڪ ڪيو ويندو. ذريعن موجب ڊسڪو ۾ سامان جي خريداري ۾ دير جو ذميوار بورڊ آهي، سوئي ناردرن ڪمپني جا بورڊ ميمبر به ڪارڪردگي ۾ ناڪام رهيا.










