حڪومت پاران اپوزيشن جي اين آر او جا تفصيل پڌرا

حڪومت پاران اپوزيشن جي اين آر او جا تفصيل پڌرا

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ)سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز نيب قانون ۾ ترميم بابت اپوزيشن جا لکت ۾ پيش ڪيل مطالبا پڌرا ڪري ڇڏيا. اپوزيشن چوي ٿي ته اين آر او گهريو ئي ناهي. عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته اين او آر تي ڳالهه ڪرڻ جو پسِ منظر ڇا آهي. هن چيو ته اپوزيشن جي پهرين تجويز هئي ته نيب جي عملدارِي 1999ع کان ڪئي وڃي، جنهن جو اصل فائدو چوڌري شگر ملز ڪيسن وارن (شهباز شريف ۽ سندس خاندان ) کي ٿئي ها، اپوزيشن مني لانڊرنگ کي ڏوهه نه سمجهڻ جو مطالبو ڪيو، اِهو ٿي وڃي ها ته اثاثا ڪيسن ۾ شهباز شريف، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر بينيفِشري بڻجي وڃن ها، اپوزيشن کي خبر آهي ته جيستائين عمران خان وزيراعظم آهي، اُهي پنهنجي چوري بچائي نه ٿا سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو