لوئر دير (ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي سراج الحق جو چوڻ آهي ته حڪومت ملي ته فلسطين، ڪشمير ۽ عافيه کي آزاد ڪرائينداسين.لوئر دير ۾ جماعت اسلامي جي جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته عوام ملڪ کي تباهه ڪندڙ ٽن حڪمران جماعتن کي رد ڪري ملڪ کي بچائڻ لاءِ تارازي تي ٺپو لڳائين،هن چيو ته روٽي، ڪپڙو، مڪان، تبديلي ۽ پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائڻ جي دعويدارن وٽ اڄ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه ناهي.سراج الحق چيو ته 8 فيبروري جون چونڊون ملڪ جي مستقبل لاءِ اهم آهن. جماعت اسلامي جو مقابلو ڪنهن سياستدان سان نه پر ظالم سان آهي.امير جماعت اسلامي دعويٰ ڪئي ته حڪومت ملي ته سودي ۽ مخلوط تعليمي نظام کي ختم ڪري، فلسطين، ڪشمير کي آزاد ڪرايو ۽ عافيه صديقي کي آزاد ڪرايو.










