حڪومت مان سڀ بيزار آهن 172 کان وڌيڪ ووٽ ملندا

حڪومت مان سڀ بيزار آهن 172 کان وڌيڪ ووٽ ملندا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن اڳواڻن چيو ته عمران خان قوم سان ڌوڪو ڪيو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي وڌائي عام ماڻهن جو جيئن جنجال ڪيو آهي، پاڪستان کي تنها ڪيو آهي. چين جهڙي دوست ملڪ کي مايوس ڪيو آهي. اهڙو اظهار اپوزيشن اڳواڻن شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ آصف علي زرداري گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هنن چيو ته جلد قوم کي نجات ملندي. آصف علي زرداري چيو ته صحافت جمهوريت جو اهم ٿنڀ آهي، هن چيو ته اڄ حامد مير بحال ٿي ويو آهي، ان لاءِ اوهانکي مبارڪ هجي. جمهوريت برداشت جو نالو آهي. اسان سڀني سوچيو ته هاني نه ته پوءِ ڪڏهن به نه ٿيندو، اسين مشاورت ڪئي ۽ اتفاق ڪيو ته ڪا به اڪيلي جماعت ملڪي مسئلا حل نه ڪري سگهندي. هڪ سوال تي آصف علي زرداري چيو ته اسين گهربل 172 ووٽن کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪنداسين. هن چيو ته حڪومت کان سڀ بيزار آهن. جڏهن مولانا کان پڇيو ويو ته ڇا اوهانکي ادارن مستقبل م سياست م مداخلت نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ته مولانا چيو ته ادارا اسانجا اهن انهن ۾ سڌارا آڻينداسين، اسين انتقام ۾ يقين نٿا رکون. شهباز شريف چيو ته بلوچستان عوامي پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سميت سڀني سان رابطا ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو