حڪومت ليڪ ٿيل ڊيٽا هيڪر کان خريد ڪري پئي: فواد چوڌري

حڪومت ليڪ ٿيل ڊيٽا هيڪر کان خريد ڪري پئي: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته حڪومت ليڪ ٿيل ڊيٽا هيڪرز کان خريد ڪري رهي آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم آفيس جو آڊيو 20 آگسٽ کان ليڪ ٿي رهيو آهي، اسان ايجنسين کي جديد اوزارن سان ليس ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو پر ائين نه ٿيو.پاڪستان جو وزيراعظم آفيس به سائبر سڪيورٽي جي حوالي سان غير محفوظ آهي، جيڪو مذمت جوڳو آهي، مريم اورنگزيب ۽ راڻا ثناءُ الله بيان ڏنا پر ٻنهي جا بيان مضحڪه خيز آهن، ليڪس واري معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.فواد چوڌري چيو ته هيڪر چوي ٿو ته هن ڌماڪيدار گفتگو اڃا جاري ناهي ڪئي، خبر آهي ته حڪومت ليڪ ٿيل ڊيٽا خريد ڪرڻ لاءِ هيڪر سان ڳالهيون ڪري رهي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته مفتاح اسماعيل کي هٽايو پيو وڃي ۽ اسحاق ڊار کي آندو پيو وڃي، مفتاح اسماعيل بابت ليڪ ٿيل آڊيو سبب مفتاح اسماعيل کي پارٽي ڇڏڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو