اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري کي هدايت ڪئي آهي ته حڪومت اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ فوري چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن هو ٻيهر سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي ڳالهه ڪن ته پوءِ ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن 14 مئي تي به چونڊون نه ٿيون ته آئين ٽوڙيو ويندو، جيڪڏهن آئين ٽوڙيو ته پوءِ جيڪو مضبوط هوندو اهو ئي ٿيندو. عمران خان چيو ته اسان هميشه سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل ڪيو آهي، اسان آئين تي قائم آهيون، پي ڊي ايم ۽ اسان جو ڪو به مقابلو ناهي، مان پهرئين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته اليڪشن جي تاريخ تي ڳالهيون ڪري سگهون ٿا.عمران خان شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري جي موجودگي ۾ چيو ته هو ٻنهي کي چئي رهيو آهي ته رڳو ڳالهيون ڪن، حڪومت اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ فوري چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن ٻيهر سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جون ڳالهيون ڪيون ته پوءِ ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي. نه هاڻي بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي، جيڪڏهن هڪ ڏينهن اليڪشن ڪرائڻي آهي ته ڪري وٺو، پارليامينٽ نه آئين سپريم آهي. ڪشمير بابت جنرل (ر) باجوه ۽ حامد مير جي بيان تي عمران خان چيو ته مان ان کان وڌيڪ شيون ڄاڻان ٿو پر هي قومي سلامتي جو مسئلو آهي، مان نٿو چاهيان ته ڪا بين الاقوامي خبر ٺهي ۽ ملڪ جو نقصان ٿئي.










