اسلام آباد (اياز مهر) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن جي مطالبي تي استعيفيٰ نه ڏيندس جي يو آءِ وارا ڀلي پرامن مارچ ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن اهو ثابت ٿيو ته مولانا غير ملڪي قوتن جي اشاري تي مارچ پيو ڪري ته ايڪشن کڻنداسين. اهڙو اظهار هن اربع تي وزيراعظم هائوس ۾ سينئر صحافين جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته فوج منهنجي پٺيان آهي حڪومت ۽ فوج جي ايجنڊا ساھئي آهي، ملڪ مان مهانگائي ختم ڪندس، هن چيو ته مولانا جي انٽرويو تي ڪا پابندي ناهي اوهان ڀلي ڪريو انٽرويو. هنکي ڊيزل چوڻ جو مقصد اهو ناهي ته ڳالهيون نه ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف کي بهترين ڊاڪٽرن جي خدمت فراهم ڪرڻ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي اٿم. سندس موت جو ذميوار مان ڇو هوندس، مان ڪو جج آهيان جو کيس سزا ڏني آهي، مان ڪو ڊاڪٽر آهيان، مان ڇو ذميوار هوندس. ان کان اڳ اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ جُوڙيل حڪومتي ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن بعد حڪومت آزادي ماارچ جي مشروط اجازت ڏني هئي. وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي جمهوري روايتن جي پاسداري ڪندي سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ جي يو آءِ کي مارچ جي اجازت ڏني آهي. جنهن مان بظاهر لڳي ٿو ته جلسو پارليامينٽ هائوس آڏو ڊي چوڪ بدران فيض آباد لڳ پريڊ گرائونڊ ۾ ٿيندو. ڇو ته عدالتي حڪمن ۾ ان وينيو جو ذڪر آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ٽيم سان جي يو آءِ جي در پرده ٿيل رابطن ۾ اهو طئي ٿيو ته مارچ پر امن هوندو ۽ ڌرڻو نه هنيو ويندو بلڪ جلسو ڪيو ويندو. اهڙو بيان مولانا فضل الرحمان هڪ ڏينهن اڳ ڏئي چڪو آهي جنهن بعد حڪومت کيس اجاز ت ڏني آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن آزادي مارچ آئين ۽ قانون جي دائري ۾ هوندو ته کين اجازت آهي. ياد رهي ته پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي ۾ اسپيڪر اسد قيصر، چيئرمين سينٽ صادق سنجراڻي، شفقت محمود، اسد عمر ۽ ٻيا شامل هئا. جن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ کيس اجازت لاءِ آماده ڪيو. ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر منالله مولانا فضل الرحمان کي جلسي کان روڪڻ بابت درخواست خارج ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي نيب پاران هائوسنگ جي وزارت ۾ مبينه گهپلن بابت جاچ بعد اڪرم دراني گرفتاري کان اڳ واري درخواست ڏني اها به عدالت منظور ڪري ڇڏي. 5 لکن جي مچلڪن عيوض 4 نومبر تائين کيس گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.










