اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت پريوينشن آفي الڪٽرانڪ ڪرائيمز ايڪٽ 2016 ۾ ترميم وارو آرڊيننس واپس وٺن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسين پرويز الاهي کي اختيار ڏنو آهي ته هو جيڪو به فيصلو ڪندو اسانکي قبول آهي. هن چيو ته هو ٽائيم فريم مقرر ڪري سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي راءِ شامل ڪري اتفاق رائي سان مسودو تيار ڪري پارليمان مان منظور ڪرائي. پيپلز پارٽي جي عوامي مارچ بعد حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 روپيا ۽ بجلي في يونٽ 5 روپيا گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سڄي ملڪ ۾ صهافي برادري احتجاج ڪيا، حڪومت جي اتحادين ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ (ق) به قانون واپس وٺن جو مطالبو ڪيو ۽ ڪالهه تائين حڪومت بضد هئي پر مولانا فضل الرحمان پاران 48 ڪلاڪن ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ جي اعلان کان هڪدم پوءِ فواد چوڌري اهڙو اعلان محمد مالڪ جي ٽي وي شو ۾ ڪيو.










