حڪومت ايڏي نااهل آهي جو هڪڙو اٽارني جنرل به مقرر نه ٿي ڪري سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاران اٽارني جنرل جي مقرري نه ٿيڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي سپريم ڪورٽ چيو آهي ته حڪومت ايڏي نااهل آهي جو هڪڙو اٽارني جنرل به مقرر نه ٿي ڪري سگهي، ڇا حڪومت اٽارني جنرل جي مقرريءَ تي ڪنهن سان بارگين ڪري رهي آهي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٽيمپرڊ گاڏي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سوال ڪيو ته ملڪ ۾ هن وقت اٽارني جنرل ڪير آهي؟ ڊپٽي اٽارني جنرل ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو جسٽس قاضي عيسيٰ چيو ته آن آن ائين پيا ڪيو ڄڻ ڪو ڏکيو آئيني سوال پڇيو هجي، سپريم ڪورٽ جا ساڍا 5 هزار وڪيل آهن، ڇا حڪومت کي اٽارني جنرل لاءِ ڪو هڪڙو ماڻهو به نه پيو ملي؟ عدالت چيو ته حڪومت اٽارني جنرل مقرر نه ڪري آئين جي لتاڙ ڪري رهي آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر پيار سان چئون ٿا ته اٽارني جنرل مقرر ڪيو، اٽارني جنرل جي هدايتن کانسواءِ ڊپٽي ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل جو پيش ٿيڻ قانون جي خلاف آهي

پهنجو تبصرو موڪليو