حڪومت ارڙي وبا تي ڪم ڪري پئي:ڪمشنر

حڪومت ارڙي وبا تي ڪم ڪري پئي:ڪمشنر

نواب شاھه (ن سنڌيار) سنڌ حڪومت جي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي جي بيورو آف اسٽيٽڪس پاران يونيسيف جي ٽيڪنيڪل سهڪار سان سنڌ صوبي جي سماجي ۽ معاشي حالتن بابت ملٽيپل انڊيڪيٽر ڪلسٽر سروي 2018 ۽ 2019 جي مڪمل ٿيڻ تي ڊويزن سطح تي سروي رپورٽ پڌري ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ تقريب شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد جي ملٽي پرپز هال ۾ ٿي گذري جنهن جا خاص مهمان ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن رشيد احمد زرداري هئا. تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن رشيد احمد زرداري چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بعد ڊويزنل ۽ ضلع انتظاميا کي پڻ شهرن توڙي ٻهراڙين اندرعوام جي ڀلائي لاءِ پاليسيون ۽ منصوبا ترتيب ڏيڻ کان اڳ ٻارن، عورتن ۽ مردن جي سماجي ۽ معاشي حالتن جي جائزي لاءِ تفصيلي ڊيٽا گهربل هوندي آهي، جنهن جي تعين سان ڪمن جي باقائده شروعات ڪئي ويندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي سروي دوران درست انگ اکر گڏ ڪري پيش ڪرڻ هڪ محنت طلب ڪم آهي جنهن کي ڪرڻ لاءِ مهينن ۽ سالن جو وقت درڪار هجي ٿو، جنهن کي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي جي بيورو آف اسٽيٽسٽڪس پاران يونيسيف جي ٽيڪنيڪل سهڪار سان مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ اهي مبارڪباد جا مستحق آهن. تقريب کي سنڌ جي ملٽيپل انڊيڪيٽر ڪلسٽر سروي بابت بريفنگ ڏيندي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي جي بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ سروي ڪوآرڊينيٽر محمد ڪاظم جعفري ٻڌايو ته يونيسيف پاران سندس اداري سان سال 2000 کان لاڳاپو رهيو آهي ۽ موجوده سروي جي ڪم کي پڻ يونيسيف جي ٽيڪنيڪل سهڪار سان بين الاقوامي معيار جي طرز تي ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي، سروي رپورٽ ۾ ضلعي وائيز تعليم، صحت، پئيڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، متوازن غذا سميت 171 مختلف انڊيڪيٽرس، 32 پائيدار ترقي جي مقصدن ۽ 11 ايس ڊي جيز بابت پڻ ڊيٽا فراهم ڪئي وئي آهي، سال 2003 ۽ 2004 ، 2014 ۽ 2018 ، 2019 دوران ٽن مختلف مرحلن ۾ ڪم ڪندي سروي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جي 29 ضلعن مان 20 هزار پنج سو گهراڻن مان سروي دوران ٻارن، عورتن ۽ مردن جي صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت متوازن غذا کان علاوه ٻين بنيادي سهولتن جي دستيابي توڙي چائلڊ ليبر متعلق سروي رپورٽ تيار ڪري سال 2019 دوران اسٽيئرنگ ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ پيش ڪئي وئي جنهن جي لاڳاپيل فورم جي منظوري کانپوءِ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي انهي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ سروي جو ڪم ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏئي ڪري مڪمل ڪرڻو پوي ٿو، سروي جو ڪم اجتماعي ڪاوشن جو نتيجو ٿئي ٿو جنهن ۾ بيورو آف اسٽيٽڪس جي ڪردار کان علاوه سرڪار، اسپانسرس توڙي اڪيڊميا جو ڪردار وڏي اهميت جو حامل آهي. انهي موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شهيد بينظيرآباد پروفيسر شاهده تاج ابڙو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف اسٽيٽڪس سحر حسين، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالقيوم پتافي، بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر سلمان، ڊاڪٽر محمد افضل، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر رياض شر سميت يونيورسٽي جي پروفيسرن، ليڪچرارن، شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو