حڪمرانن جي بيان بازي، نئين ۽ پراڻي پاڪستان جي راهن تي ڀٽڪندڙ عوام

شاهد راڄپر
پاڪستان جي عوام هميشہ جمهوريت جو علم کڻي هلندڙن ڌرين جو ساٿ ڏنو پوء اهي اڳواڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جا هجن يا پاڪستان مسلم ليگ (نواز) پاڪستان مسلم ليگ (ق) پاڪستان مسلم ليگ (ف) پاڪستان تحريڪ انصاف چاهي ڪهڙي بہ سیاسي جماعت هجي پر پاڪستاني عوام پنهنجو ڪردار بهتر نموني ادا ڪيو آھي، قيام پاڪستان کان هن دور تائين اسان جي پاڪستان تي ڪيترن ئي حڪمرانن حڪومت ڪئي آھي ۽ اڳٽي بہ ڪيترائي چھرا حڪومت جون واڳون سنڀالڻ لاء آتا ويٺا آھن، پاڪستان تحريڪ انصاف پاڪستان جي عوام جي ذھنن ۾ نئون نعرو متعارف ڪرايو ` نیاں پاکستان´ ۽ `تبدیلی´ نئين پاڪستان ۽ تبديلي جي نعري پاڪستان جي ڪجھ عوام کي ڏاٺو متاثر ڪيو ۽ جنهن سبب سندس هلندڙ قافلي ۾ شامل ٿي ويو ۽ ڪجھ سالن جي جدوجهد کان مهربانن جي مهرباني سان حڪومت جون واڳون سندس حوالي ڪيون ويون ۽ حلف کڻڻ دوران ئي ٻٽاڪي سياست کي هٿي ڏنائين لکين گهر ٺاهي غريبن کي ڏينداسين بجلي گئيس ۽ کاڌخوراڪ جون شيون سستيون ڪبيون ، عوام ڏاڍو خوش ٿيو ته واقعي تبديلي اچي وئي آ ۽ نئون پاڪستانپنهنجي تاريخ رقم ڪندو ،پي ٽي آئي سربراه عمران خان جڏهن حڪومت مخالف ڌرڻا مظاهره ڪندو هئو ته چوندو هو `جب بجلی کا یونٹ مہنگا ہو جاۓ سمجهو حکمران چور ہے، جب پيٹرول کی قيمت بڑھ جاۓ سمجهو حکمران چور ہے ، آپ کے پاس بجل کا زیادہ بل آۓ پهاڑ دو، ´ هڪ دفعي ته ڪينٽينر تي بيهي بجللي جو بل ساڙيندي خود عوام کي سول نافرماني لاء اڪسائي رهيو هو ته ڪرپٽ ۽ چور حڪمرانن مان جان ڇڏايو، بحرحال وزارت اعظمہ ملڻ کان پوء به سندس اڪثر بيانن مان ائين لڳندو هو ڄڻ پاڪستان جو وزير اعظم نه بلڪه مخالف ڌر جو اڳواڻ ڏينهون ڏينهن مهانگائي عروج حاصل ڪري وڃي آسمان تي پهتي پيٽرول جا اگھ 80 روپين مان 158 روپين کان وڌڻ لڳا بجلي گئيس کنڊ اٽو گيھ داليون چانور غريب طبقي جي وٺڻ کان چڙھڻ لڳا ڊالر جو اگھ وڃي 170 جي لڳ ڀڳ پهتو ۽ مهانگائي عوام کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا ۽ عوام سوچڻ لڳو ته هن نئين پاڪستان ته اسان جا لاھ ڪڍي ڇڏيا هن کان ته پراڻو پاڪستان بهتر هو گهٽ ۾ گهٽ گذارو ته ٿئي پيو ۽ سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي پڻ بحث ڇڙڻ لڳا ته جيڪڏهن نئون پاڪستان عوام ريليف مهيا نٿو ڪري سگهي ته اسان کي پراڻو پاڪستان موٽائي ڏيو ٻيلي گهٽ ۾ گهٽ کائيندا ۽ هندا ته سڪون سان هاسين، هر روز پيٽرول ڊيزل جا نوان اگھ مقرر ڪيا وڃن بجلي ۽ گئيس مهانگي ٿيڻ لڳي ڏهاڙيدارن جي ڌھاڙ ۽ پگهاردارن جي پگهارن ۾ اضافو نه ڪرڻ سبب ماڻھن کي منجهائي ڇڏيو ۽ مترون ئي منجهائي ڇڏيون ، غريب عوام جا حالات پيچيده ٿيندا ويا ۽ گذر سفر ڏکيو ٿيندو ويو عمران خان ڌاقتدار دوران پنهنجي حڪمراني دور کي رياست مدينه ۽ حضرت عمر فاروق رضی اللہ تعالی عنہ جي دور سان مشاهبت ڏيندو رهيو ۽ چوندو هو ته جيسيتائين هڪ به ماڻهون ڍئو ڪري نه سمهندو آ مونکي ننڊ نه ايندي آ پر انتهائي افسوس سان چوڻو پيو پوي ته عمراني سرڪار ڄي حڪمراني دوران ڪيترائي خاندان بکن تي سمهندا هئا ۽ عمراني دور کي تاريخ ۾ غريبن لاء ڪاري دور طور ياد ڪيو ويندو. چوندا آھن رات کان پوء ڏينهن ايندو آ ۽ اندھ کان پوء روشني رونما ٿيندي آ ۽ اهڙي طرح حالات ڳنڀير ٿيڻ سبب شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي لخت جگر بلاول ڀٽو زرداري عمراني سرڪار جي بي وجه پاليسين غلط حڪمراني وڌندڙ مهانگائي ۽ڌبيروزگاري خلاف عوامي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ۽ سندره ٻڏڌي ميدان ۾ ڪاهي پيو جو ان جي لانگ مارچ سبب هڪ ڏينهن ۾ ئي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جا اگھ لاٿا ويا اها بلاول ڀٽو زرداري جي قافلي جي پهرين شاندار ڪاميابي هئي ۽ اڳتي هلي عمران خان نيازي جي ڪاري دور جي پڄاڻي پهتي ۽ پراڻو پاڪتان کپي جو نعرو هڻندڙن پراڻو پاڪستان حاصل ڪري ورتو آھي،پراڻي پاڪستان مان عوام کي وڏيون اميدون آھن ھي حڪومت معاشي خوشخالي آڻيندي نئين ڪابينه پنهنجا پنهنجا قلم دان سنڀالي ورتا آھن پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ عوامي لانگ مارچ جي سرواڻ بلاول ڀٽو زرداري لاء رڏيهي وزارت جي آڇ ڪئي وئي آھي جيڪا في الحال ان قبولي ناهي ۽ اڪثر سنڌ جو عوام به ان ڳالھ جو مخالف آھي ته بلاول ڀٽو پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ کان نابري واري ۽ اها وزارت ڀلي ڪنهن ٻئي پ پ جي ايم اين اي کي ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته پرڏيهي وزات بلاول ڀٽو زرداري جي قدڪاٺ تي نه لهي ۽ بلاول ڀٽو پاڻ هڪ پارٽي جو چيئرمين ۽ ڪروڙين ماڻھن جو ليڊر ٿي ٻئي ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي ڪيئن ٿو هلي سگهي ۽ اهڙي عهدي کان هزار بار بهتر آ ته پاڻ اتحادي طور حڪومت سان ڀلي گڏ هجي پر وزارت وٺي پاڻ سان ذيادتي نه ڪري اگر اها غلطي ڪيائين ته اها سندس وڏي سياسي غلطي هوندي.بلاول ڀٽو زرداري کي گهرجي ته اتحادي طور عوامي مفادن لاء جدوجهد ڪري ۽ مهانگائي جي بيقابو جن کي بند ڪري بوتل ۾ وجهرائي ڇاڪاڻ ته هن وفاقي حڪومت مان به عوام لاء چڱائي جون اميدون گهٽ پون ڏسجن جيڪي پڻ موجوده حڪومت لاء فائيديمند نه آھن تنهن لاء بهتر آھي ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏهي وزارت جو قلمدان نه وٺي ۽ حڪومتي اتحادي جي حيثيت سان ننڍن ملازمن ۽ عوام کي ريليف ڏياري باقي هيئر جيڪي موجوده حالات هلي رهيا آھن غريب عوام شديد مشڪلات مان گذري رهيو آھي ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آھي جيئن ڪو مسافر رستو ڀٽڪي ويندو آھي اهڙي طرح پاڪستاني عوام پڻ پراڻي ۽ نئين پاڪستان جي چئو واٽي ڪنهن مسافر جيان ڀٽڪيل ۽ هيسايل ڏسجي رهيو آھي ته اسان جي منزل ڪٿي آھي ؟؟؟؟ هينئر به تازيون خبرون پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا سميت سوشل ميڊيا تي گردش ھيٺ آھن ته آئي ايم ايف قرض وڌائڻ تي راضپو ڏيکاريو آھي ۽ ان لاء وڌيڪ ڳالهين ڄي ميز پاڪستان ۾ ايندڙ مهيني ويهي سگهي ٿي جڏهن تہ اندروني طور بجلي گئيس ۽ پيٽرول تان سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌاري جون ڳالهيون گردش ھيٺ آھن پاڪستان عالمي مالياتي اداري آئي ايم ايف کي پروگرام هڪ سال وڌائڻ جي درخواست ڪئي آھي ۽ آئي ايم ايف به پروگرام هڪ سال وڌائڻ تي راضپو ڏيکاريو آھي جڏهن ته وڌيڪ مئي مهيني ۾ آئي ايم ايف جو بورڊ پاڪستان پهچي ڳالهين جي ڪاميابي کان پوء آئي ايم ايف پاران پاڪستان کي ايندڙ قسط جي منظوري ڏنا ويندي ۽ اگر آئي ايم ايف جي معاهدي کان پول بجلي گئيس ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌارو ڪيو ويو ته ملڪي حالتون ڪٿي وڃي پهچنديون ۽ غريب عوام اڳ ئي پريشان آھي ڇا وڌيڪ مهانگائي جو بار برداش ڪري سگهندو ؟؟؟؟ پاڪستاني عوام حڪومت ۽ سياسي اڳواڻن مان آخر ڪڏهن بهتري جي اميد رکي جنهن کي حڪومتي واڳون ملن ٿيون هميشه خزانو خالي ۽ گذريل حڪومتن تي مهانگائي جا ڇوھ ڇنڊي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ صاف چوي ٿو ضرورت هن ڳالھ جي آھي ته حڪمرانن کي قلابازيون هڻڻ بجائي عوامي حالات ذھن ۾ رکي فيصلا ڪرڻ گهرجن باقي عوام پراڻي ۽ نئين پاڪستان جي راهن ۾ ڀٽڪي رهيو آھي ۽ حڪمران قلابازين ۾ پورا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو