حيدرآباد(رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي جي طرفان ايشيا جي عظيم انقلابي اڳواڻ باباء سنڌ حيدر بخش جتوئي جي 53هين ورسي باباء سنڌ گرائونڊ ۾ ملهائي ورسي تقريب جي صدارت سنڌ هاري ڪاميٽي جو ثمرحيدر جتوئي ڪري رهيو هو ورسي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ثمرحيدر جتوئي چيو ته باباء سنڌ حيدر بخش جتوئي جو فڪر تي متحد ٿيڻ سان ئي سنڌ خوشحال ٿيندي هاري پورهيت خوشحال ٿيندا هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري کي مڪمل رد ڪيو ٿا ڌارين کي سنڌ مان فوري نيڪالي ڏني وڃي هن اعلان ڪندي چيو ته سڄي سنڌ جو دورو ڪندس ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ حيدرآباد جي صوبائي تڪ پي ايس 66تائين اليڪشن وڙهڻندس سنڌ هاري ڪاميٽي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺندي هن چيو ته جلد سڄي سنڌ اندر هاري ڪانفرنسن جو شيڊول جاري ڪنداسين باباء سنڌ حيدر بخش جتوئي سنڌ جو هيرو آهي پاڪستان جي نامياري قانوندان علي احمد ڪرد ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اسان لاء اتساه جو نالو آهي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي عظيم آهي ملڪ جيڪا به مزدور پورهيتن جا ڳاله هلي ٿي ان ۾ باباء سنڌ حيدر بخش جتوئي جو فڪر شامل آهي سنڌي هاري تحريڪ جي صدر دلدار لغاري چيو ته سنڌ اندر اسان کي ليفٽ جي عوامي سياست کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي باباء سنڌ حيدر بخش جتوئي جي ٻاريل لاٽ اڄ به پورهيتن جي لاء روشن راه آهي اي جي پي صدر سيد لعل شاه خطاب ڪندي چيو ته باباء سنڌ حيدر بخش جتوئي جيڪا جدوجهد ڪئي اها اڄ به اهڙي جدوجهد جي ضرورت آهي وطن جمهوري پارٽي جي اڳواڻ گلشير شر چيو ته باباء سنڌ حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد کي سگهاري ڪرڻ جي ضرورت آهي اسان سنڌ هاري ڪاميٽي جي دوستن کي يقين ڏياريو ٿا ته سندن سنڌ جدوجهد ۾ ساٿ ڏينداسين ورسي تقريب کي اديب دانشور محسن جويو،منصور قادر جوڻيجو،اڳواڻو وائيس چانسلر ڀائي خان شر،سنينئرنائب صدر ادريس بروهي،جنرل سيڪريٽري عالم زيب ميمڻ،نائب صدر قادر بخش سيلرو،ولايت نوناري،ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ اعجاز شر،خزانچي جبار باغي،پريس سيڪريٽري عابد رند،نهال عباسي،اڳواڻو قومپرست اڳواڻ ايوب شر،ڪامريڊ سارنگ ڄام،ظهير حسين حيدري،پروفيسر ادريس جتوئي،ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جي يادگار ڪميٽي جي اڳواڻ غلام حسين خاصخيلي،قومي راڳي وقار ملاح،ناز سنائي،مير آزاد ٽالپر،اسحاق سنڌي،نامياري قانوندادن سليمان ڏاهري،غلام نبي چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو ورسي تقريب ۾ اديب دانشور گل حسن ڪلمتي،اجمل ساوند جي قتل تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويئي ورسي تقريب ۾ هيٺيان قرارداد پاس ڪرايا ويا،
1. سنڌ ۾ 15 سالن کان وٺي وڏيرڪي مارشلا هلندي رهي ٿي، جنهن ۾ سنڌ کي سياسي،معاشي، سماجي ۽ ثقافتي طور تباھ ڪيو ويو آهي. ان ڪري ضروري آهي ته وڏيرڪو نظام ختم ڪيو وڃي.
2. ڪنڌڪوٽ ۾ ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل جي مذمت ڪجي ٿي ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته ان جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
3. مطالبو ڪجي ٿو ته سنڌ حڪومت ڌاڙيل شاهي کي ختم ڪري مڪمل طور امن امان قائم ڪري.
4. سنڌ جي حڪومت گذريل سال جي ٻوڏن ۾ ڪجھ به نه سکيو آهي ۽ ايندڙ مُون سُون کان اڳ اُپاءَ وٺِي ٻوڏن جو خطرو قائم آهي ان ڪري سنڌ حڪومت هنگامي بنياد تي ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ اُپاءَ وٺي.
5. هن وقت سنڌ ۾ بک، بيروزگاري ۽ غربت تمام تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ ماڻهون خودڪشي ڪري رهيا آهن ان لاءِ سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري.
6. سنڌ ۾ هٿ سان گُٽڪو، آئيس ۽ ٻيا خطرناڪ نشي واريون شيون ڦهلايون ويون آهن. ان ڪري سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي سنڌ کي نشي آورَ شين کان پاڪ ڪري.
7. سنڌ ۾ تعليمي نظام تمام گهڻو تباھ ٿي ويو آهي. ان ۾ سڌارا آڻي بهتر ڪيو وڃي ۽ سنڌي مضمون نه پڙهائيندڙ اسڪولن جي رجسٽري ختم ڪئي وڃي.
8. سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ تي پابندي وڌي وڃي ۽ ٻِن ملڪن جا ماڻهون جيڪي لڏپلاڻ ڪري آيا آهن انهن کي پُرامن طريقي سان واپس ڪيو وڃي.
9. نوجوانن لاءِ هر يوسي سطح ٽريننگ سينٽر قائم ڪري نوجوانن کي مختلف هنرن جي سکيا ڏني وڃي.
10. جاگيرداري ختم ڪئي وڃي.
11. سنڌ ۾ سرڪاري زمين سنڌ جي بي زمين هارين ۾ ورهائي وڃي.
12. ڏوڪري ذرعي ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏئي ان جو نالو باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جو نالو رکيو وڃي.
13. سنڌ جي ٻهراڙي ۾ صنعتون لڳائي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي روزگار مهيا ڪيو وڃي.
14. ننڍن کاتيدارن ۽ هارين کي جديد ذرعي هنر جي سکيا ڏئي انهن جي آمدني وڌائي وڃي.
15. سنڌ جي ڍنڍن ۽ ڍُورن تان وڏيرن جو قبضو ختم ڪرائي ماهيگيرن لاءِ لائسنس جي نظام کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ ٺيڪيداري نظام ختم ڪيو وڃي.
16. سنڌ جي قدرتي وسيلن گئس، تيل ۽ ڪوئلي جي وسيلن جي مالڪي سنڌ کي ڏئي سنڌ جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪئي وڃي.
17. تيل جي رفائنري سنڌ اندر قائم ڪري مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي.
18. سنڌ طاس معاهدي مطابق سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي بنان رنڊڪ جي ڏنو وڃي.
19. ريلوي ٽريڪ ڪوٽڙي کان دادو. لاڙڪاڻو، روهڙي، ڪوئٽه ٽرينون بحال ڪيون وڃن.
20. باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي ريلوي اسٽيشن بحال ڪئي وڃي.
21. سنڌ جي ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جي آبادي گھٽ ڏيکاري وئي آهي ان کي مڪمل رد ڪيو وڃي.
22. سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرن رهيل پگھارون جلد جاري ڪيون وڃن.
23. سنڌ اندر ڌارين جا ٺهيل ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ رد ڪيا وڃن.
24. سنڌ اندر رشوت سفارش ۽ مهنگائي جو خاتمو ڪيو وڃي.
25.سنڌ اندر زرعي ڀاڻ ٻج جي بليڪ مارڪيٽنگ ختم ڪري اگهه گھٽايا وڃن.










