حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر)سنڌ پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر مان پابندي مڙهيل تنظيم جي هڪ ميمبر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.جوابدار تي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ چيني ڊاڪٽر کي نشانو بڻائڻ جو الزام آهي.سي ٽي ڊي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب سي ٽي ڊي آپريشن 2 جي عملدار گلستان جوهر جي علائقي ڪامران چورنگي وٽ ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم ايس آر اي جي ميمبر محمد افضل لنڊ عرف عافي کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان هڪ پستول ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب جوابدار جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هو جرمني ۾ جلاوطن تنظيم جي سربراهه ذوالفقار خاصخيلي عرف سفير سان سڌي ريت رابطي ۾ آهي.جوابدار موجب خاصخيلي سندس مالي مدد ڪري رهيو آهي، سندس موڪليل رقم سان جوابدار موٽرسائيڪل ۽ هٿيار خريد ڪيا آهن.جوابدار موجب ذوالفقار خاصخيلي کيس حيدرآباد جي چائنيز ڊينٽل ڪلينڪ جي ڊاڪٽر کي قتل ڪرڻ جو ٽارگيٽ ڏنو هو.جوابدار ڄاڻايل ڊاڪٽر جي ريڪي به مڪمل ڪئي هئي پر منصوبي تي عمل ڪرڻ کان اڳ ئي کيس گرفتار ڪيو ويو.ترجمان موجب گرفتار جوابدار ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ چائنيز ڊينٽل ڪلينڪ تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪندڙ جوابدار جو ساٿي آهي، جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










