حيدرآباد جي پهرين فتح ڪراچي کي 4 وڪيٽن تان شڪست

حيدرآباد جي پهرين فتح ڪراچي کي 4 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ڪنگز مين ٽاس کٽي ڪراچي ڪنگز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڪراچي جي ٽيم 20 اورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 188 رنز ٺاهيون. نوجوان سعد بيگ37 بالن تي 6 چوڪن جي مدد سان 53 رنز ٺاهيون ته کيس واپس گهرايو ويو. ريضا هينرڪ 2 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، محمد وسيم 25، سلمان آغا 24، اعظم خان 26 ۽ ڪپتان معين علي 44 رنز ٺاهيا. ڊيوڊ وارنر ٽيم ۾ ناهي. خوشدل 7، عباس آفريدي زيرو، حسن علي هڪ رن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. حيدر آباد ۾ ڪپتان لبوشين ۽ معاذ صداقت اوپننگ ڪئي، لبوشي3ن 26 ۽ معاذ 36 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، عثمان خان 27، صائم ايوب 6، گلين ميڪسويل 2، ڪسال پريرا 17 رنز تي آئوٽ ٿي ويا. عرفان نيازي ۽ حسان خان اسڪور اڳتي وڌايو، عرفان نيازي حسان خان 16 بالن تي 33 ۽ عرفان نياز 29 رنز نات آئوٽ ٺاهي ڪراچي کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پهرين فتح پنهنجي نالي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو