حيدرآباد جو ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ 7 چيئرمين پ پ جا هوندا

حيدرآباد جو ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ 7 چيئرمين پ پ جا هوندا

حيدرآباد(ن س)سنڌ جي ٻئين وڏي شهر حيدرآباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي 160 مان 94 سيٽون کٽي ورتيون آهن، ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ 7 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سڀ پيپلز پارٽي جا هوندا.پاڪستان تحريڪ انصاف حيدرآباد ۾ 39 سيٽون کٽي ورتيون آهن، 2 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پي ٽي آءِ جا هوندا.حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جو ايوان 239 ميمبرن تي مشتمل هوندو، 160 سڌي ريت چونڊيل چيئرمين مخصوص سيٽن تي 79 ميمبر چونڊيندا.رپورٽن مطابق ايوان ۾ ليبر، يوٿ ۽ اقليتي سيٽن جو 5 سيڪڙو مخصوص ڪيو ويو آهي، عورتن جي 33 سيڪڙو سيٽن مان 53 عورتن ۽ هڪ سيٽ جنس پرستن لاءِ هوندي.اهڙي طرح اهي ميمبر ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڪندا، سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 ترميم 2021 تحت يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ڪجهه سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ ميمبر ووٽ ذريعي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڪندا. هڪ مخصوص ڪائونسل سيٽ لاءِ اميدوار پڻ ميئر اميدوار بڻجي سگهي ٿو.پيپلز پارٽي جي حلقن موجب صوبائي وزير ڄام خان شورو جو ڀاءُ ڪاشف شورو حيدرآباد جي ميئر لاءِ مضبوط اميدوار طور سامهون آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو