حلف باوجود اوهين پي ٽي آءِ جي طرفداري پيا ڪريو

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف آچر تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي خط جو جواب ڏيندي سندس خط کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي پريس رليز قرار ڏنو آهي. صدر ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم ڏانهن موڪليل خط ۾ “حڪومت جو رڪارڊ درست ڪرڻ” ۽ سندن جي “تعصب واري روش” کي رڪارڊ تي آڻڻ لاءِ لکيو هو. جمعي تي، صدر وزيراعظم کي چيو هو ته وفاقي ۽ صوبائي اختيارين کي هدايت ڪئي وڃي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) کي سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق پنجاب ۽ خيبرپختونخواه صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ ۾ مدد ڪن ته جيئن ”وڌيڪ پيچيدگين کان بچي سگهجي. پنهنجي خط ۾، علوي سياستدانن، سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين جي خلاف اختيارين پاران “غير متناسب طاقت جي استعمال” جو پڻ ذڪر ڪندي ان کي روڪڻ لاءِ چيو هو. اهو خط وزيراعظم جي مشير عطا تارڙ توئٽر تي شيئر به ڪيو آهي.

وزيراعظم اتحادين ۽ پارٽي اڳواڻن سان مشاورت بعد اڄ پنج صفحن تي ٻڌل سخت لفظن ۾ جواب ڏنو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عارف علوي جو خط ”صاف تعصب وارو“ هو ۽ خط جا ڪجهه حصا پاڪستان تحريڪ انصاف جي هڪ پريس رليز جيان هئا. وزيراعظم، صدر کي چيو آهي ته اوهان بطور صدر غير جانبدار ڪردار ادا ڪرڻ جو حلف کڻڻ باوجود پي ٽي آءِ جي کليل طرفداري پيا ڪريو. وزيراعظم ڪيترن ئي موقعن کي اجاگر ڪيو، جتي سندس موجب صدر پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن ۾ 3 اپريل تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو حڪم ۽ وزيراعظم شهباز جي وزيراعظم چونڊجڻ تي پنهنجو آئيني فرض نڀائڻ ۾ ناڪامي به شامل آهي. ”مٿين بيانن ۽ ٻين ڪيترن ئي مثالن جي باوجود، جتي توهان آئيني طور تي چونڊيل حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ فعال طور تي ڪم ڪيو، مون توهان سان سٺو ڪم ڪندڙ تعلقات برقرار رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. تنهن هوندي به، توهان جي خط جي مواد، ان جي ٻولي مون کي ان جو جواب ڏيڻ تي مجبور ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئين جي آرٽيڪل 4 ( فردن سان قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جو حق وغيره) ۽ 10 اي (فيئر ٽرائل جو حق) تحت گهربل عمل سڀني کي فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران جيڪي به قدم کنيا پيا وڃن، اهي قانون موجب آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو