اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو قومي ڪرڪٽ ٽيم جي اهم رانديگر محمد حفيظ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي کي مبينه طور لڪايل ملڪيت ظاهر نه ڪرڻ بابت جواب طلب ڪيو آهي. محمد حفيظ اهڙي ڪنهن به نوٽيس کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خبر ناهي ڇو اهڙيون خبرون هلايون پيون وڃن. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته 2014 کان وٺي 2018 تائين جي حساب ڪتاب جي آڊٽ ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ 17 ڪروڙ جي ملڪيت هن ظاهر ناهي ڪئي. جڏهن ته محمد حفيظ جو چوڻ آهي ته هو باقائدگي سان انڪم ٽيڪس رٽرن جمع ڪرائيندو آهي ۽ کيس نوٽيس مليو ته ان جواب ڏنو ويندو.










