ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ حسان نيازي خلاف بغاوت تي اکسائڻ جو ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.نوشهره ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ڀائيٽي حسان نيازي جا وڌيڪ هڪ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، بغاوت کي اُکسائڻ جي الزام ۾ گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو.نوشهره پوليس بدامني ڪيس ۾ حسان نيازي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪراچي پهچي وئي.نوشهره ٿاڻي ڪينٽ ۾ شبير الدين نالي شهري جي فرياد تي حسان نيازي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته حسان نيازي ماڻهن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جو ڏوهه آهي.










