اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور ۽ تڪراري ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه پنهنجي مداحن کي دعائن جي اپيل ڪئي آهي.حريم شاهه پنهنجي يوٽيوب چينل تي پنهنجي هڪ وڊيو اپ لوڊ ڪئي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي مداحن کي ترڪي جا خوبصورت منظر ڏيکاري رهي آهي.ان کان علاوه وڊيو ۾ حريم شاهه کي پنهنجي مڙس سان گڏ ترڪي جي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ گهريلو ضروري شين جي خريداري ڪندي به ڏسي سگهجي ٿو.يوٽيوب تي اپ لوڊ ڪيل وڊيو ۾ حريم شاهه ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي مڙس بلال شاهه سان گڏ ترڪي ۾ رهي ٿي.پنهنجي يوٽيوب وڊيو ۾ ٽڪ ٽاڪ اسٽار پنهنجي مداحن کي پنهنجي بيماري بابت به آگاهه ڪيو. هن چيو ته اڄڪلهه منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي جنهن سبب مان سست ٿي رهيو آهيان.حريم شاهه اپيل ڪندي چيو ته منهنجي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪريو.










