حددخلين جي خاتمي سان لاڳاپيل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

حددخلين جي خاتمي سان لاڳاپيل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ڪراچي ۾ حددخلين جي خاتمي بابت ڪيس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.هن ڪيس سان گڏ، عدالت صوبائي اڳواڻ سعيد غني خلاف توهين عدالت جي درخواست جي به ٻڌڻي ڪندي.ذريعن موجب، هي درخواست 2019 ۾ حڪم جي نافرماني جي الزام ۾ داخل ڪئي وئي هئي، جيڪا هاڻي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ لسٽ ڪئي وئي آهي.جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ 30 اپريل تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. عدالت پاران لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن.ياد رهي ته ڪراچي ۾ حددخلين جي خاتمي بابت ڪيس ڪافي عرصي کان بحث هيٺ آهي، جنهن ۾ مختلف سرڪاري ادارن ۽ عملدارن جي ڪارڪردگي جو پڻ جائزو ورتو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو