حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ۾ 15.8 فوٽ اضافو

حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ۾ 15.8 فوٽ اضافو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مون سون برساتن کانپوءِ حب ڊيم جي پاڻي جي سطح ۾ 15 ڏهائي 8 فوٽ اضافو ٿي ويو آهي، چيف انجنيئر واٽر بورڊ موجب تازي برساتن کانپوءِ حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 337.8 فوٽن تائين پھچي ويئي آهي، جڏهن تہ تازو برساتن کان اڳ ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 322 فوٽ هئي، هن چيو تہ حب ڊيم ۾ 339 فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي، ٻئي طرف ايم ڊي واٽر بورڊ رفيق قريشي جو چوڻ هو تہ حب ڊيم ۾ پاڻي جو اضافو شهرين جي لاءِ خوشخبري آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ حب ڊيم مان شهر کي روزانو 100 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو، جڏهن تہ حب ڊيم ڀرجڻ کانپوءِ شهر کي ٽن سالن تائين روزانو 100 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو