حب ريزروائيزر ويجهو فائرنگ ۾ سپروائيزر واٽر بورڊ فرقان اختر ولد حبيب الرحمان شھيد

حب ريزروائيزر ويجهو فائرنگ ۾ سپروائيزر واٽر بورڊ فرقان اختر ولد حبيب الرحمان شھيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) حب ريزروائيزر ويجهو فائرنگ ۾ سپروائيزر واٽر بورڊ فرقان اختر ولد حبيب الرحمان شھيد،سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران سپروائيزر فرقان اختر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار،تفصيل موجب حب ريزروائيزر ويجهو نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ ڪراچي واٽر بورڊ جو سپروائيزر فرقان اختر ولد حبيب الرحمان شھيد ٿي ويو، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ فرقان اختر جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ تعزيت ڪندي سندس وفات کي سوڳوار خاندان لاءِ نہ وسرندڙ صدمو ۽ وڏو نقصان قرار ڏنو، ھن چيو تہ واٽر بورڊ جا سمورا ملازم ڏک جي هن گهڙي ۾ مرحوم جي خاندان سان برابر جا شريڪ آهن جڏهن تہ واٽر بورڊ انتظاميا مرحوم فرقان اختر جي گهرڀاتين جي هر ممڪن مدد ڪندي، ان کان علاوه سي اي او واٽر بورڊ پاران ڊي آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪندي چيو تہ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪندي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ترجمان واٽر بورڊ موجب وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم، سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ چيف انجنيئر بلڪ واٽر بورڊ سڪندر زرداري موقعي تي تي عباسي شهيد اسپتال پهچي ويا، سي اي او واٽر بورڊ مرحوم جي لاءِ دعا ڪندي چيو تہ الله تعالي مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ مرحوم جي سمورن سوڳوارن، پونيئرن کي صبر و جميل جي توفيق عطا فرمائي آمين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو