ڪراچي)ن سنڌيار)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمن ۽ ضلعي شمالي جي امير يوسف ۽ ٻين جو سهراب ڳوٺ يوسي چار جو دورو ڪيو ان موقعي هرهنڌ زبردست آجيان گلن جي ورکا ۽ جماعت اسلامي سپورٽر علي پنهور ٻين پاران آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ تحفا ڏنا ويا ۽ بعد ڪجھ ڏينهن اڳ لياري ندي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل راجپوت برادري جي نوجوان آصف راجپوت جي گهر پهچي تعزيت ڪئي ۽ لاسي ڳوٺ جي ڀٽائي چوڪ ته عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي خدمت خلق ۾ سڀ کان اڳڀرو آھي ۽ اسان جي واحد جماعت آھي جيڪو بغيرڪنهن مفاد جي عوام جي خدمت جو جزبو رکي ٿو اسان کي اميد آھي عوام به اسان جي اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرائيندو هن چيو سهراب ڳوٺ يوسي چار تي اسان جماعت اسلامي پاران اميدوارن عبدالستار برفت سميت ۽ ٻين اميدوارن کي 28 آگسٽ تي تاروزو تي ٺپو هڻي ڪامياب ڪندا,هن چيو ته هن ڀيري به برساتي ڏيڏرن کي شڪست ڏيئي جماعت اسلامي کي ڪامياب ڪريو ڪراچي جو ميئر شپ جماعت اسلامي کي ملي وڃي ته هو اڳ کان اڳڀرو ٿي ڪري ڪراچي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اوليت جي بنياد تي ترقياتي ڪم ڪرائيندا هن چيو ته ڪراچي جي ميئرشپ هميشه جماعت اسلامي ,ايم ڪيو ايم ان ٻنهي پارٽين کان سواء ڪنهن کي به نه ملي آھي ۽ ھن دفعي ڪراچي جي ميئر شپ جماعت اسلامي کي ملندي ۽ ان بعد گڏاپ يوسي چار سهراب ڳوٺ ٽائون جي مختلف ڳوٺ سائينداد ڳوٺ ,ايوب ڳوٺ ,صيفل ڳوٺ ,نورخان ڳوٺ,وزيرڳوٺ ,احسن آباد ۾ تعزيتون ڪيون ۽ عوامي ميڙن خطاب ڪيو










