حافظ سعيد کي دهشتگردي جي ڪيسن ۾ 11 سال قيد جي سزا

حافظ سعيد کي دهشتگردي جي ڪيسن ۾ 11 سال قيد جي سزا

لاهور(بيوور رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جماعت الدعوده جي امير حافظ محمد سعيد کي 11 سال قيد ۽ 30 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ جي خصوصي عدالت جي جج ارشد حسين ڀٽا امير جماعت الدعوه حافظ محمد سعيد خلاف ٻن ڪيسن ۾ محفوظ ڪيلو فيصلو ٻڌايو. عدالت حافظ سعيد سميت 2 جوابدارن کي ٻن ڪيسن ۾ ٽرائل مڪمل ٿيڻ تي ساڍا پنج، پنج سال قيد ۽ 15، 15 هزار رپين جو ڏنڊ ٻڌايو. پوليس ملزمن کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو جتي انهن جي موجودگي ۾ کين سزا ٻڌائي وئي. حافظ واضح رهي ته حافظ سعيد خلاف دهشتگردي، غيرقانوني فنڊنگ جي الزامن جا ڪيس داخل ٿيل هئا ٻنهي ڪيسن ۾ حافظ سعيد خلاف 23 گواهن بيان قلمبند ڪرايا. حافظ محمد سعيد تي دهشتگردي کي هٿي ڏيارڻ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جا پڻ الزام هيا.

پهنجو تبصرو موڪليو