حافظ حمدالله جي شهريت ختم ڪرڻ وارو فيصلو معطل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر حافظ حمدالله جي پاڪستاني شهريت منسوخ ڪرڻ جو فيصلو معطل ڪندي نادرا کان ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ بينچ حافظ حماد الله جي شهريت منسوخي خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ درخواست گذار جي وڪيل موقف بيان ڪيو ته نادرا ان جي موڪل جو شناختي ڪارڊ منسوخ ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ نادرا کي به درخواست ڏني پر هڪ هفتو گذرڻ باوجود ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي ان ڪري نادرا پاران کنيل قدم کي ڪالعدم قرار ڏئي وزارت داخلا کي به وڌيڪ ڪارروائي کان روڪيو وڃي. ان موقعي تي نادرا جي وڪيل عدالت کي دليل ڏيندي چيو ته ڊسمبر 2018 ۾ پهريون ڀيرو حافظ حمدالله ڪميٽي ۾ ٿيو ۽ جيڪي دستاويز طلب ڪيا هن پيش ڪيا پر اهي دستاويز جعلي هيا. ان تي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا حافظ حمدالله کي ٻار آهن انهن جا پاڪستاني شناختي ڪارڊ ٺهيل آهن يا نه، جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ان جي ٻارڙن جا پاڪستاني شناختي ڪارڊ ٺهيل آهن ۽ ان جو هڪ پٽ فوج ۾ به آهي. وڪيل جي جواب تي عدالت جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪا ماءُ پنهنجي پٽ کي وطن تي قربان ٿيڻ لاءِ موڪلي ان جي مڙس جي شهريت تي ڪو به شڪ نه ٿو ڪري سگهي جنهن کان پوءِ عدالت حافظ حمدالله جي پاڪستاني شهريت منسوخ ڪرڻ وارو نادارا جو فيصلو معطل ڪندي ٻن هفتن اندر رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو